اداڪار ادريس ايلبا جي ڳجهي شادي…..

آفريقا ڄاول برطانوي هالي ووڊ اداڪار ادريس اڪونا ايلبا پاڻ کان 17 سال ننڍي اداڪارا 29 سالن جي سيبرينا ڍوري سان ڳجهي شادي ڪري ڇڏي.

واضح رهي ته 46 سالن جي ادريس ايلبا جي اها ٽين شادي آهي، ان کان اڳ سندس جون پهريون ٻه شاديون طلاق تي ختم ٿيون هيون.

ادريس ايلبا جي والدين جو واسطو آفريقي ملڪ گھانا سان هو جيڪي برطانيا لڏي آيا، ۽ ادريس ايلبا ڄائو. ادريس ايلبا پهرين شادي 1999ع ۾ هاني ڪم نالي عورت سان ڪئي هئي جيڪا 2003ع ۾ طلاق تي ختم ٿي ۽ ان مان ايلباکي نياڻي جي اولاد به آهي.

پهرين شادي جي ناڪامي کان پو3 ادريس ايلبا ٻئي شادي سونيا نڪولي هيملن سان 2006ع ۾ ڪئي جيڪا رڳو 4 مهينن تائين سندس سان گڏ رهي. ٻنهي شادين جي ناڪامي کان پوءِ ادريس ايلبا برطانوي ميڪ اپ آرٽسٽ نيانا گارٿ سان لاڳاپا قائم ڪيا ۽ هن مان سندس کي 2014ع ۾ هڪ پٽ جي اولاد ٿي، پر ان کان پوءِ ٻئي ڌار ٿي ويا. ادريس ايلبا ٽين شادي آفريقا ڄاول ڪينيڊيئن ماڊل ۽ اڳوڻي حسينا 29 سالن جي سيبرينا ڍوري سان مراڪش ۾ خاموشي سان ڳجهي شادي ڪري ڇڏي آهي.

فيشن ميگزين ”ووگ“ موجب ادريس ايلبا ۽ سيبرينا ڍوري مراڪش ۾ خاموشي سان شادي ڪئي ۽ ٻنهي معاهدي تحت شادي جي تصويرن جا حق ميگزين کي ڏنا.  فيشن ميگزين موجب ادريس ايلبا سيبرينا ڍوري جلد ئي ويجهن دوستن لاءِ شادي جي تقريب ڪوٺائيندا.

ادريس ايلبا جي پاڻ کان 17 سال ننڍي ماڊل سان شادي کان پوءِ سوشل ميڊيا تي ڪيترن ئي واهپيدارن جتي جوڙي کي مبارڪ پيش ڪئي، اتي ئي جوڙي کي تنقيد جو نشانو پڻ بڻايو ويو . ادريس ايلبا بابت ڪيترن واهپيدارن جو چوڻ هو ته 2018ع جو سڀ کان وڌيڪ پرڪشش مرد هاڻي غير شادي شده ناهي رهيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.