تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني اختيارين آمريڪا طرفان مڙهيل اقتصادي پابندين تي رد عمل ڏيندي هرمز آبي کي بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان گذريل سال ايران سان طئي ٿيل جوهري معاهدن مان انخلاءَ بعد ايران تي نيون پابنديون لڳائڻ جو حڪم به جاري ٿيو هو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب ايران جي سپاهه پاسداران جي سربراهه محمد باقي چيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا بنا جواز اقتصادي پابنديون نه هٽايون ته ايران هرمز آبي بند ڪري نار رياستن کان سموري دنيا کي تيل جي سپلاءِ روڪي ڇڏيندو.
جنرل محمد باقري جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ايران برآمد نه ڪندو ته ڪنهن به ملڪ کي اها اجازت نه هوندي ته اهي تيل جا جهاز گذارن.
ايران سپاهه پاسداران جي سربراهه جنرل باقري جو بيان ان موقعي تي سامهون آيو آهي جڏهن آمريڪا ايران کان تيل درآمد ڪندڙ ملڪن چين، ڀارت ۽ ترقي سميت 8 ملڪن کي اقتصادي پابنديون جي ڏس ۾ ڏنل ڇوٽ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو جنهن تي انهن ملڪن به ايران کان تيل خريد ڪرڻ کان معذرت ڪري ڇڏي هئي.