راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته پشتون تحفظ موومينٽ جن ماڻهن جي مسئلن کي بنياد بڻائي ڪم ڪري رهي آهي ان جو وقت ختم ٿي ويو، توهان فوج سان ڪهڙي بدلي جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، ڪير به رياست سان نٿو وڙهي سگهي.
ميڊيا بريفنگ دوران ميجر جنرل آصف غفور پاڪ – ڀارت ڇڪتاڻ، پشتون تحفظ موومينٽ، ملڪ جي ماضي ۽ حال جي واقعن تي تفصيلي گفتگو ڪئي ۽ ان دوران هن صحافين جي سوالن جا جواب پڻ ڏنا.
بريفنگ دوران ميجر جنرل آصف غفور پي ٽي ايم کي مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪي ماڻهو توهان کي ورغلائي رهيا آهن انهن جي ڏُکن جو احساس آهي، جيڪڏهن آرمي چيف پهرين ڏينهن پيار سان ڳالهائڻ جي هدايت نه ڪئي هجي ها ته انهن کي منهن ڏيڻو ڪو ڏکيو ڪم نه هو، هر ڪم قانون تحت ٿيندو، توهان کي جيتري آزادي وٺڻي هئي وٺي ڇڏي، توهان مسنگ پرسنز جي لسٽ ڏئي ڇڏي آهي، تحريڪ طالبان پاڪستان جيڪا افغانستان ۾ ويٺي آهي ان جي لسٽ اسان کي ڏئي ڇڏيو، پوءِ اسان ڳولينداسين ته مسنگ پرسن ڪيڏانهن ويا.
هن ڪيترائي سوال اٿاريندي چيو ته پي ٽي ايم پاڪستاني رياست جو حصو آهي يا افغانستان جو؟ منظور پشتين جو ڪهڙو مائٽ قنڌار ۾ ڀارتي قونصليٽ ويو؟ اسلام آباد ڌرڻي لاءِ پي ٽي ايم کي ”را“ ڪيترا پئسا ڏنا؟ جيڪو شخص فوج جي حمايت ۾ ڳالهائيندو آهي اهو ماريو ڇو ويندو آهي؟ ۽ پي ٽي ايم توڙي ٽي ٽي پي جو موقف هڪ ڇو آهي.
سندس چوڻ هو ته جڏهن اها موومينٽ شروع ٿي ته سڀ کان پهريان انهن سان ڳالهه ٻولهه ٿي هئي ۽ ان وقت آرمي چيف چيو هو ته اهي غلط ڳالهه به ڪن ته انهن تي سخت هٿ نه رکجو، ڇو ته اهي انهن نوجوانن جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، جن شروع کان جنگ ڏٺي، محسن داوڙ ۽ انهن جي اڳواڻن سان ڳالهه ٻولهه ٿي ته هنن چيو ته سندن 3 مطالبا آهن، پهريون مطالبو اهو هو ته قبيلائي علائقن ۾ بارودي سنگهون آهن، ڇو ته انهن علائقن ۾ جنگ ٿي آهي، اتي ديسي بم پيا آهن، اهو جائز مطالبو هو، ان تي اسان به ڪم ڪيو ۽ 48 ٽيمون مقرر ڪيون ۽ انجنيئرن 45 سيڪڙو علائقي ۾ مائنر کي صاف ڪري ڇڏيو.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته فوج جن علائقن کي ڪليئر ڪرائڻ ويندي آهي اهي علائقا موت هوندا آهن ۽ ان حوالي سان آگاهي مهم به هلائي وئي هئي ته اتي ديسي بم موجود آهن، اتان جو رُخ نه ڪيو، ٻارن ۽ جوانن کي ٻڌايو ويو ته ان جي ساخت ڇا آهي، نظر اچي ته ان کي هٿ نه لڳايو ۽ اسان کي اطلاع ڏيو، جڏهن ته انهن 48 ٽيمن اهو ڪليئرنس آپريشن شروع ڪيو آهي ته ان باوجود پاڪ فوج جا 101 جوان شهيد ٿيا آهن، اهي ڪئين شهيد ٿيا، اهي سڀ پنهنجو ڪم ڪندي شهيد ٿيا پر ان لاءِ ڪم جو مطالبو به جائز هو.
ڊي جي آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته پي ٽي ايم جو ٻيو مطالبو چيڪ پوسٽ جي حوالي سان هو، اتي چيڪ پوسٽون پاڪ فوج جون هونديون آهن، ان ۾ اسان اهو ناهيون چوندا ته فلاڻي صوبي جو فوجي آهي، انهن آپريشنز دوران 6 هزار کان وڌيڪ فوجي شهيد ٿيا، اهي سڀ هڪ صوبي جا نه هئا، هي جيڪي پشتون تحفظ جي ڳالهه ڪندا آهن اهي ان وقت ڪٿي هئا جڏهن اتي ماڻهن جا ڳلا ڪٽجي رهيا هئا ۽ فٽبال کيڏيو پئي ويو، محسن داوڙ، منظور پشتين ۽ علي وزير ڪٿي هئا، ٿورو پڇو انهن کان؟ ان وقت ته پاڪ فوج وڃي دهشتگردن سان ويڙهه ڪئي ۽ اتان کين ڪڍيو هو، اڄ جڏهن حالتون ٺيڪ آهن، ترقياتي ۽ بحالي جو ڪم شروع ٿي ويو آهي ته تحفظ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي.
سندس چوڻ هو پي ٽي ايم جو ٽيون مطالبو گم ٿيل ماڻهن جي حوالي سان هو، اهي شروعاتي طور 6 کان 7 هزار ماڻهن جي لسٽ کڻي آيا، ان تي گهڻو ڪم ٿيو، ان حوالي سان قانوني طريقي سان جيڪا ڪميشن ٺهي اها روزاني بنياد تي انهن جي ڳالهه ٻڌندي آهي ۽ هاڻ ان فهرست ۾ انگ گهٽجي ويو آهي، جڏهن ته 2500 ڪيس اهڙا آهن، جيڪي حل ناهن ٿيا، اهي 3 مطالبا انهن جا ناهن نه ئي انهن جي تڪليف آهي، اهي مطالبا ۽ تڪليف انهن پٺاڻ ڀائرن جي آهي، جيڪي ڏينهن رات اتي رهندا آهن، هي ماڻهو ته اتي رهندا به ناهن.
پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ جي ڳالهائيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پلواما واقعي کانپوءِ ڀارت رڳو ڪوڙ ڳالهايو، ان باوجود اسان لفظي شرپسندي جو به جواب نه ڏنو، ڀارت چئي رهيو آهي ته پاڪستان جو رويو تبديل ڪرڻو آهي، جنهن رويي جي تبديلي ڀارت چاهي ٿو اهو نٿو ٿي سگهي، 26 فيبروري تي ڀارت فضائي حدن جي ڀڃڪڙي ڪئي ۽ اسان جواب به ڏنو، ان واقعي کي ٻه مهينا ٿي ويا پر ڀارت طرفان اڻ ڳڻيا ڪوڙ ڳالهايا ويا، پلواما ۾ واقعو ٿيو ۽ اهو پوليس خلاف پهريون واقعو نه هو، اهڙا واقعا اڳ به ٿيندا رهيا آهن، اسان ڀارت کي چيو جيڪڏهن ثبوت آهن ته پيش ڪيو.
هن ڀارت کي مخاطب ٿيندي چيو ته بالاڪوٽ جو ڊرامو توهان ڪيو، اسان ڪائونٽر اسٽرائيڪ ڪئي، توهان رات ۾ حملو ڪيو اسان ڏينهن ۾ جواب ڏنو، 28 فيبروري تي ڀارت ميزائل فائر ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو هو، ڀارت پنهنجي ميڊيا کي ٻڌائي اسان ڪهڙو جواب ڏنو، ان رات ايل او سي تي ڇا ٿيو، اسان جي فائر پلاٽون انهن جي گن پوزيشن کي ڪيئن نشانو بڻايو، ڪيتريون گن پوزيشن شفٽ ڪرڻيون پيون، ڪيترا فوجي ماريا ويا، اهي ڳالهيون ڀارتي ميڊيا کي ٻڌائي.
ميجر جنرل آصف غفور چيو ته ڀارت ۾ چونڊون هلي رهيون آهن، ان ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون ٿي رهيون آهن، ڀارت چئي ٿو ته اسان ڏياري تي ايٽم هلائڻ لاءِ ناهي رکيو، جڏهن ملڪي بچاءَ جي ڳالهه ٿئي ته هر قسم جي صلاحيت استعمال ڪري سگهون ٿا، جيڪڏهن دل آهي ته ڀارت پنهنجي صلاحيت آزمائي پر اڳ نوشهرا جي اسٽرائيڪ جو تجربو ياد رکي.
سندس چوڻ هو ته ڀارت جي ڪوڙ جي ڪا حد ناهي، ڀارتي فورس پاڪستان کي ڊڄي پنهنجو ايم آءِ هيلي ڪاپٽر پاڻ ڪيرايو ۽ چيو پاڪستان جو ايف سولو ڪيرائي ڇڏيو، 16 ته وڏي ڳالهه آ موٽر سائيڪل تباهه ٿئي ته ان جي خبر به ناهي لڪندي، توهان جا آمريڪا سان سٺا لاڳاپا آهن، آمريڪا کي چئو ته پاڪستان جا ايف 16 جهاز ڳڻي وٺي، پاڪستان ڀارت جي ٻه جهاز ڪيرايا، جن جو ملبو دنيا ڏٺو، ڀارت جو عزم ٽيسٽ نه ڪري ۽ دل آهي ته آزمائي ڏسي پر 27 فيبروري تي تاريخ ياد رکي.
هن چيو ته هي 1971 آهي نه اها فوج ۽ نه اهي حالتون، جيڪڏهن 1971 ۾ اسان جي اڄوڪي ميڊيا هجي ها ته توهان جون سازشون بي نقاب ڪري ها، اتان جي حالتن ۽ زيادتين جي رپورٽنگ ڪري ها ته اڄ اوڀر پاڪستان ڌار نه هجي ها، خطي ۾ انٽرنيشنل پراڪسي هلي رهي آهي، ان جي نتيجي ۾ 79 کانپوءِ جهاد شروع ٿيو، ايران ۾ انقلاب آيو ان جو اسان جي معاشري تي اثر پيو، مدرسن ۾ اضافو ٿيو، جهاد وڌي ويو، افغانستان جي جنگ کي جائز قرار ڏئي ان وقت جي لحاظ سان فيصلا ڪيا ويا.
ميجر جنرل آصف غفور چيو ته جڏهن صورتحال تبديل ٿي ته اسان جي خطي ۾ معاشي جنگ شروع ٿي، چين آمريڪا سڀني جا پنهنجا مفاد آهن، عالمي قوتن پنهنجي مفادن لاءِ پاڪستان کي پاليسي ٺاهڻ تي مجبور ڪرڻ چاهيو، نائن اليون کان وٺي اڄ تائين پاڪستان ڪائنيٽڪ آپريشن ڪيا، دهشتگردن خلاف ڪارروائيون ڪيون، القاعدا، داعش، ٽي ٽي پي وغيرا، اسان دهشتگرد تنظيمن خلاف ڪائنيٽڪ آپريشن ڪيو، اڄ اسان ثبوت ۽ لاجڪ سان چئون ٿا ته پاڪستان اندر ڪنهن به قسم جي منظم دهشتگردي جو نيٽ ورڪ موجود ناهي، رياست گهڻو عرصو اڳ فيصلو ڪري چڪي هئي ته پنهنجي معاشري کي شدت پسندي کان پاڪ ڪرڻو آهي.