نيو دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست اولهه بنگال جي وڏي وزير ۽ آل انڊيا ترينيمول ڪانگريس سربراهه ممتا بينرجي پهريون ڀيرو وزيراعظم نريندر مودي کي ذاتي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته هو پنهنجي ماءُ ۽ زال جي ئي عزت ناهي ڪندو ته عوام جي ڪيئن ڪندو؟
ممتا بينرجي نريندر مودي کي ذاتي تنقيد جو نشانو بڻائيندي وضاحت به ڪئي ته جيتوڻيڪ هو اهڙي تنقيد تي يقين ناهي رکندي ۽ نه ئي سندس جو اهڙي تنقيد جو ايجنڊا هوندوآهي، پر هو وزيراعظم طرفان نامزدگي ڪاغذن ۾ جمع ڪرايل قسم نامي کي ڏسي مودي تي تنقيد ڪرڻ تي مجبور ٿي وئي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب ممتا بينرجي پهريون ڀيرو نريندر مودي کي ذاتي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته ڀارتي وزيراعظم اهڙو شخص آهي جنهن کي پنهنجي زال جي نالي کان سواءِ ڪنهن شيءَ جي خبر ئي ناهي.
سندس جو چوڻ هو ته نريندر مودي طرفان نامزدگي ڪاغذن ۾ جمع ڪرايل قسم نامي ۾ چيو ويو آهي ته سندس جي زال جو نالو جاشودابن آهي، پر گڏوگڏ اهو به چيو ويو آهي ته مودي کي سندس زال جي ملڪيت سميت هن بابت ڪنهن ٻي شيءَ جي ڪا به خبر ناهي.
اولهه بنگال جي وڏي وزير جو چوڻ هو ته جنهن شخص کي پنهنجي زال ۽ ماءُ بابت ڪا ڄاڻ نه هجي ۽ جيڪو پنهنجي ئي گھر جي عورتن جي عزت نه ڪندو هجي ته اهو سموري قوم جي عزت ڪيئن ڪندو؟
هن الزام لڳايو ته نريندر مودي پنهنجي زال ۽ ماءُ جي به عزت ناهي ڪندو. گڏ ئي ممتا بينرجي نريندر مودي ۽ بي جي پي کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته هو مذهب جي نالي تي ماڻهن کي بليڪ ميل ڪندو آهي ۽ ووٽ جي ڪري ماڻهن جي جذبن سان کيڏندو آهي.