جعلي اڪائونٽس ڪيس: آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي ضمانت ۾ 15 اپريل تائين واڌ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر جي عبوري ضمانت ۾ 15 مئي تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني تي ٻڌل 2 رڪني بئنچ جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر جي عبوري ضمانت ۾ واڌ بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران جسٽس محسن اختر ڪياني نيب پراسيڪيوٽر کي چيو ته اٿارٽي سان پڇي بيان ڏيو ته آصف زرداري خلاف ڪابه انڪوائري ناهي. عدالت نيب پراسيڪيوٽر کي هدايت ڪئي ته فريال ٽالپر ۽ آصف زرداري ڪيتري انڪوائري هلي رهي اهي، نيب لکت جواب ڏي. نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته باقي ڪنهن به انڪوائري ۾ گرفتاري وارنٽ جاري نه ڪيا ويا آهن. عدالت آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي عبوري ضمانت ۾ 15 مئي تائين وڌيڪ واڌ ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.