ڪراچي جي اسپتالن ۾ هنگامي حالتون لاڳو، گرمي 40 سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو امڪان

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي جي اسپتالن ۾ هيٽ ويو جي خدشي سبب ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. موسميات کاتي طرفان ڪراچي ۾ پهرين کان ٽي مئي تائين هيٽ ويو جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. هيٽ ويو دوران سامونڊي هوائون ٽن ڏينهن تائين معطل رهنديون جڏهن ته ڪراچي شهر جو پارو 42 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهندو. موسميات کاتي موجب هيٽ ويو جي شدت 2015ع جي هيٽ ويو جي ڀيٽ ۾ گهٽ هوندي.  ڪراچي جي ميئر وسيم اختر ڪي ايم سي جي انتظام هيٺ هلندڙ 13 اسپتالن ۾ هيٽ ويو الرٽ جاري ڪندي ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. اسپتالن ۾ عملي جون موڪلون رد ڪندي گهربل سامان جي فراهمي يقيني بڻائڻ ۽ هيٽ ويو کان بچائڻ لاءِ ايمرجنسي وارڊ قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.