* ڪالهه نينگري صبانور ڊاڪٽر جي غلط انجيشن لڳڻ سبب فوت ٿي وئي هئي گرفتار ڪيل ڊاڪٽر کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو .
عدالت اڳيان گرفتار جوابدار عدنان چيو ته موت ۽ زندگي خدا جي هٿ ۾ آهي
گرفتار ڪيل ڊاڪٽر عدالت کي ٻڌايو ته هو گذريل18 ورهين کان ماڻهن جو علاج ڪري رهيو آهي ۽ هن جناح اسپتال ۾ هائوش جاب به ڪيو آهي.
هن عدالت کي ٻڌايو ته انجيڪشن لڳڻ کانپوءِ نينگري جي امڙ ٻڌايو ته ٻارڙي کي دورا پوندا آهن ٻارڙي کي ساهه کڻڻ ۾ تڪليف ٿي ته مون کيس اسپتال منتقل ڪرڻ لاءِ چيو .
هن چيو ته نينگري جو غلط اعلاج نه ڪيو آهي جيڪڏهن ٻارڙي جي امڙ پهريان ٻڌائي ها ته نينگري جي حياتي ضايع نه ٿئي ها……………….