رپورٽ:حيدرآباد:ايگريڪلچرريسرچ جي ڪچن ملازمن جو پڪوڪرڻ لاءِ احتجاج

*حيدرآباد ۾  سنڌ ايگريڪلچر  ريسرچ کاتي  جي ڪچن ملازمن پڪو نه ڪرڻ خلاف  پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو

 ملازمن غلام اڪبر بالادي,محمد ابراهيم جسڪاڻي, محبوب علي جسڪاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .

ان موقعي تي اڳواڻن  چيو ته سنڌ ايگريڪلچر ريسرچ ٽنڊو ڄام ۾ گذريل 15 سالن کان ڪم ڪري رهيا آهيون پر اڃان تائين کين پڪو نه ڪيو ويو آهي

هنن چيو ته سندن 4 مهينن جي رهيل پگهار گهرڻ تان انتقامي ڪاروائي ڪندي 6 ملازمن کي برطرف ڪري ان جاءِ تي من پسند ماڻهو رکڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

 هنن چيو ته حڪومت طرفان پگهار 15 هزار ماهوار منظور ٿيل آهي پر کين صرف 5 هزار روپيا ماهوار پگهار ڏني پئي وڃي

هنن لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪئي ته کين نوڪرين تي بحال ڪري 4 مهينن جون رهيل پگهارون ڏئي کين پڪو ڪيو وڃي………………

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.