رپورٽ:نواب ولي محمد:سماج سڌارڪ اي ڊي راهو جي ورسي ملهائي وئي

*نواب ولي محمد  ۾  مشهور سماج سڌارڪ اي ڊي راهو جي پهرين ورسي پريس ڪلب ۾ ملهائي وئي، اي ڊي راهو جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي دعا گهري وئي .

ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي جسقم اڳواڻ علي رضا خاصخيلي ،  ظفر علي چانڊيو ، مهر ڊٻائي ڪامران چانڊيو   ۽ ٻين چيو ته مرحوم اي ڊي راهو جون علائقي جي ماڻھن لاءِ ڪيل خدمتون ڪڏھن وساري نه ٿيون سگهجن.

 هنن چيو ته ، هن سدائين تعليم لاءِ پاڻ پتوڙيو ، سدائين غريب ۽ بي پهچ ماڻھن جي مدد لاءِ اڳيان اڳيان هوندو هو،جڏھن ته آخر ۾ فنڪار علي حسن خاصخيلي راڳ ڳائي ماڻھن کي جهومائي ڇڏيو………………………

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.