سريلنڪا ۾ چهرو ڍڪڻ تي پابندي…

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) سري لنڪا ۾ گرجا گھرن ۽ هوٽلن تي بم ڌماڪن کان پوءِ  چهرو ڍڪڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب سري لنڪا ۾ ايسٽر جي موقعي تي ٿيل مختلف حملن کان پوءِ حڪومت هنگامي قدمن تحت سموري ملڪ ۾ اچ کان چهرو ڍڪڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي. ان بابت سريلنڪن صدر ميٿريپالا سريسينا جو چوڻ آهي ته سموري ملڪ ۾ چهرو ڍڪڻ تي پابندي حملن سبب سيڪيورٽي کي نظر ۾ رکندي لڳائي وئي آهي، ان ڪري جو سڃاڻپ جي عمل لاءِ عوام جا چهرا نظر اچڻ گھرجن. اختيارين موجب قومي سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ چهرو لڪائڻ لاءِ ڪنهن به شيءِ جو استعمال ممنوع قرار ڏنو ويو آهي پر ان اعلان ۾ باقاعده طور تي نقاب جو لفظ استعمال ناهي ڪيو ويو جنهن جو استعمال مسلمان عورتون پنهنجو چهرو ڍڪڻ لاءِ ڪنديون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.