18 سالن جو تجربو آهي، نينگري کي غلط انجيڪشن نه لڳائي آهي: جوابدار

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ڪراچيءَ جي علائقي گلشن اقبال ۾ مبينا طور غلط انجيڪشن سبب فوت ٿيل نينگري جي ڪيس ۾ جوابدار عدنان کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.  عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي جوابدار چيو ته 18 سالن کان پريڪٽس ڪري رهيو آهيان، مان جناح اسپتال ۾ هائوس جاب ڪئي آهي، فوتي ٻارڙي کي غلط دوا نه ڏني آهي. جوابدار عدنان چيو ته انجيڪشن لڳڻ کانپوءِ ٻارڙي جي امڙ ٻڌايو ته نينگري کي دورا پوندا آهن، سندس ساهه متاثر ٿيو ته مان کيس اسپتال وٺي وڃڻ جو چيو. هن چيو ته جيڪڏهن پهريون نينگري جي حالت بابت ٻڌايو وڃي ها ته ائين نه ٿي ها.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.