هالي ووڊ فلم ايونجرز اينڊ گيم رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) هالي ووڊ ايڊونچر فلم ايونجرز اينڊ گيم رليز جي شروعات ڏينهن ۾ ڪمائيءَ جو نئون رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو.

هالي ووڊ ايڊونچر فلم (ايونجرز اينڊ گيم ) رليز جي شروعاتي ڏينهن ۾ ئي ڪمائيءَ جو نئو رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو. فلم هن وقت تائين دنيا جي ٻين ملڪن ۾ 1.2 بلين ڊالرز جو رڪارڊ ٽوڙ بزنس ڪري سڀن کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو. ايونجرز اينڊ گيم، ڊزني اسٽوڊيوز جي اها پهرين فل بڻجي وئي آهي جنهن رليز جي شروعاتي ڏينهن ۾ ئي هڪ ارب آمريڪي ڊالرز ڪمائي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي.

سپر هيرو فرنچائز جي 22 هين فلم سموري آمريڪا ۾ 350 ملين ڊالرن جي ڪمائي ڪري سيريز جي گذريل ڪڙي ايونجرز انفنٽي وار جي شروعاتي ڪمائي جو رڪارڊ به ٽوڙي ڇڏيو آهي جڏهن ته 859 ملين ڊالرز جو بزنس ڪري انٽرنيشنل باڪس آفيس تي به پنهنجي حڪمراني قائم ڪري ڇڏي آهي. واضح رهي ته ان فلم کي 4 ملين ڊالرز جي لاڳت سان تيار ڪيو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.