آمريڪا ۽ پاڪستان ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪا ۽ پاڪستان ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون ٿيون آهن. پرڏيهي آفيس ۾ آمريڪا ۽ پاڪستان ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهين دوران ٻطرفن لاڳاپن ۽ افغان مفاهمتي عمل تي غور ويچار ڪيو ويو.  آمريڪي خاص نمائندو زلمي خليل زاد ۽ نائب پرڏيهي وزير ايلس ويلز اسلام آباد پهتا ته اعليٰ اختيارين معزز مهمانن جي آجيان ڪئي. ٻنهي ملڪن ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون شروع ٿيون جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ امن امان جي صورتحال خاص ڪري افغان مفاهمتي عمل تي ڳالهيون ڪيون ويون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب آمريڪي وفد مشاورتي عمل لاءِ پاڪستان پهتو آهي، ٻنهي ملڪن ۾ اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون پيون وڃن.

Leave A Reply

Your email address will not be published.