سمنڊن ۾ ٻه لک نوان وائرس دريافت

جرمني (ويب ڊيسڪ) سمنڊن جي سيني ۾ ڪيترائي راز دفن هوندا آهن ۽ هاڻي سموري دنيا جي گھري پاڻين ۾ هڪ ٻه نه پر 195،728 اهڙا وائرس مليا آهن جيڪي هن وقت تائين سائنسدانن جي نظر کان گم هئا.

سيل نالي سائنسي رسالي جي رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته انهن وائرسن جي اڪثيريت اسان لاءِ بلڪل نئين آهي ڇو ته ان کان اڳ اسان سامونڊي وائرس جي 15 هزار قسمن کان ئي واقف هئاسين. ان دريافت مان سمنڊن ۾ حياتياتي ارتقا، ماحولياتي، آب ۽ هوا ۾ تبديلين بابت اسان جي ڄاڻ ۾ واڌ ٿيندي. ٽيرا نالي سائنسي ٻيڙين سال 2009ع کان 2013ع تائين سموري دنيا جي سمنڊن ۾ سفر ڪيو ۽ ان کان اڳ 10 سالن تائين سامونڊي حياتي ۽ ان جي ارتقا تي به غور ڪيو ويو هو. ٽيم ۾ اوهايو اسٽيٽ يونيورسٽي جو حياتيات دان ڊاڪٽر ميٿيو سلي ون به شامل هو. سندس جو چوڻ هو ته وائرس ايترا ننڍا هوندا آهن جو هو نظر ناهن ايندا پر سمنڊن ۾ انهن جا غير معمولي قسمن جي موجودگي گھڻي اهميت رکي ٿي.

ماهرن پنهنجي تحقيق کان پوءِ هڪ تفصيلي نقشو ٺاهيو آهي جنهن ۾ سموري دنيا جي پاڻين ۾ موجود وائرس جو ڊيٽا بيس ظاهر ڪيو ويو آهي. ماهرن ان وائرس کي پنهنجن حياتياتي خطن ( ايڪولوجيڪل زون) ۾ ورهايو آهي. انهن ۾ آرڪٽڪ ۽ انٽارڪٽڪ کان علاوه، ٻيا ڪيترائي گروپ شامل آهن. سخت برفيلي آرڪٽڪ ۾ اميد جي برخلاف وائرس جو وڏو انگ دريافت ٿيو آهي. اهو وائرس جيتوڻيڪ تقريبن 4000 ميٽرن جي گھرائي ۾ مليا آهن جن ۾ نوان وائرس ۽ انهن جا نوان خاندان به شامل آهن. ان سان سامونڊي حياتي ۽ پيچيده بحري نظام کي سمجهڻ ۾ به مدد ملندي. نون وائرسن سبب سامونڊن ۾ موجود آڪسيجن ۽ ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جي شرح کي سمجهڻ ۾ به مدد ملندي.

جيتوڻيڪ هاڻي به ڊگھي تحقيق باقي آهي پر وائرس بحري حياتياٿ ۾ پنهنجو مک ڪردار ادا ڪندا آهن جن کي ان کان اڳ نظر انداز ڪيو ويو هو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.