ملڪ ۾ نيب هلندي يا وري معيشت: آصف زرداري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ملڪ ۾ نيب هلندي يا وري معيشت پر ٻئي گڏ نه ٿا هلي سگهن. اڳوڻو صدر آصف زرداري جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس جي سلسلي ۾ اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ پيس ٿيو جتي واپسي تي هن ميڊيا جي نمائندن جي سوالن جا جواب ڏنا. هڪ سوال جي جواب ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته ملڪ ۾ يا نه هلندي يا وري معيشت، ٻئي گڏ نه ٿا هلي سگهن. هڪ صحافي سوال ڪيو ته ڇا حڪومت پنجن سالن جو مدو پورو ڪندي ان تي اڳوڻي صدر الله نه ڪري. مولانا فضل الرحمان جي تحريڪ ۾ شموليت بابت اڳوڻي صدر ڪو جواب نه ڏنو ۽ رڳو انشاءَ الله چيو.  اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف جي لنڊن وڃڻ بابت سوال تي آصف زرداري چيو ته الله سڀني کي صحت ڏي، جيڪڏهن ميان صاحب کي ضرورت آهي ته لنڊن هليو وڃي اتي ڪاڏي ويندو. آخر ۾ اڳوڻي صدر صحافين کي چيو ته پوءِ نه چئجو ته مان نه ڳالهائيندو آهيان.

Leave A Reply

Your email address will not be published.