رمضان شگر ملز ۽ آشيانه هائوسنگ ڪيس جي ٻڌڻي 11 مئي تائين ملتوي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) احتساب عدالت ۾ رمضان شگر ملز ۽ آشيانه اقبال هائوسنگ اسڪيم ڪيس جي ٻڌڻي جج جي موڪل سبب 11 مئي تائين ملتوي ڪئي وئي.  قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف خلاف آشيانه اقبال هائوسنگ اسڪيم ۽ سندس پٽ حمزا شهباز شريف خلاف رمضان شگر ملز ڪيس جي ٻڌڻي ٿيڻي هئي پر جج جي موڪل سبب ٻڌڻي ملتوي ٿي وئي. شهباز شريف پرڏيهه ۾ هئڻ سبب پيش نه ٿي سگهيو جڏهن ته سندس وڪيل طرفان هڪ ڏينهن جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست ڏني وئي جنهن کي عدالت منظور ڪري ورتو. عدالت آشيانه اقبال ڪيس جي ۾ شاهدن کي بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ طلب ڪيو هو، ان موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا ۽ اڻ لاڳاپيل ماڻهن کي نيب عدالت وڃڻ کان روڪيو ويو.  حمزا شهباز شريف پنهنجي محافظن سان نيب عدالت پهتو ته ان موقعي تي پوليس اهلڪارن حمزا جي محافظن کي عدالت ۾ وڃڻ کان روڪيو جنهن تي پوليس ۽ سڪيورتي عملي وچ ۾ منهن ماري ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.