رتوديرو(ن ع آ) پي ايس 10 تڪ تان چونڊيل ايم پي اي فريال ٽالپر جي حڪم تي مخصوص سيٽ تي آيل پ پ ايم پي اي سيمي سومرو رتوديرو ۾ ايڊز ايڇ آءِ وي وائرس جي متاثرن مريضن جا انگ اکر گڏ ڪرڻ لاءِ متاثرن مريضن جي وارثن سان ملاقاتون ڪيون آھن . ھن ڳوٺ الھڏنو سيلرو ۾ ايڊز ۾ مبتلا ھڪ ئي گھر جي ڇھن ڀاتين سان ملاقات ڪري کين يقين ڏياريو آھي ته ايم پي اي ميڊم فريال ٽالپر جي حڪم تي سمورن متاثر مريضن جو مفت علاج ڪرايو ويندو. بعد ۾ ريسٽ ھائوس رتوديرو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ايڊز ھڪ خطرناڪ بيماري آھي ۽ معصوم ٻارڙن ۾ ظاھر ٿيڻ تي افسوس پڻ آھي پر متاثر مريضن جو تعداد ايترو ناھي جيترو ميڊيا ۾ ٻڌايو پيو وڃي . ھن چيو ته ايڊز ٻين صوبن ۾ به آھي پر اسان جي حڪومت کي بدنام ڪرڻ لاءِ سياسي مخالف ھن ڏکوئيندڙ مامري تي به سياست ڪري رھيا آھن . صورتحال تمام خراب آھي ان جو احساس آھي ان ڪري ادي فريال ٽالپر جي حڪم تي صحت کاتي جون ٽيمون رتيديري ۾ ٽن ڏينھن کان لٿل آھن . جيڪي مختلف ڳوٺن ۾ وڃي سروي ڪري رھيون آھن ۽ ھنگامي بنيادن تي لاڙڪاڻي پڻ ايڊز جي متاثر مريضن جي علاج لاءِ ٻارڙن جي وارڊ ۾ ايڊز ايڇ آءِ وي وائرس ۾ مبتلا مريضن جو علاج ڪيو پيو وڃي .