نيب جي ڇاپن بعد ڪڻڪ خريداري جا امڪان گهٽ، آبادگار ويتر پريشان

سکر(رپورٽ :ابوذر غفاري )سکر نيب پاران سکر ڊويزن جي ڪڻڪ گدامن تي ڇاپن ۽  گدام سيل ٿيڻ کانپوءِ آبادگار پريشان ٿي ويا، سندن چوڻ آهي ته ڪڻڪ جي خريداري واري سيزن جي موقعي تي  وفاق جي ڪڻڪ جي سيزن ۽ خريداري جي عين موقعي تي گدام سيل ڪري سنڌ سان ويساهه گهاتي جي برابر آهي ،سيل ڪيل گدامن ۾  خيرپور ميرس ، گمبٽ ، راڻيپور ، ٽنڊو مستي ، ٺري ميرواهه ، ڪوٽڏيجي شامل آهن تفصيل موجب آچر جي صبح جو  گدامن کي نيب پاران سيل ڪرڻ جو آغاز ٿيو جنهن ۾ نيب جي پاران ٽيم ۾  اسسٽٽ ڊائريڪٽر بقا الله جعفري ، ۽ ولي الله ڦلپوٽو شامل هئاجڏهن ته هر گدام کي سيل ڪرڻ کان بعد علائقي جي ٿاڻي تي انٽري رکندا ويا ۽ غير لاڳاپيل ماڻهن جي اچڻ وڃڻ تي پڻ پابندي وجهڻ جا حڪم علائقي جي ٿاڻي تي ڏيندا ويا جڏهن ته  آبادگار سموري سنڌ ۾سراپااحتجاج ڪري رهيا آهن سنڌ حڪومت ڪن لاٽار ڪري رهي آهي ڪير به سنڌ جي آبادگارن جي ڳالھ ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي آبادگارن جو چوڻ آهي  نيب ڪڻڪ جي گدامن کي سيل ڪري آبادگارن سان زيادتي ڪري رهي آهي ۽ وفاق جي پاران خريداري جي لاء پاسڪو سرگرمي ڏيکاري رهي آهي ان سڄي معاملي ۾  آباد گار بيوس بڻيل آهن ، هنن چيو ته اڳ ۾ ئي سنڌ سرڪار ڪڻڪ خريداري جي حوالي سان اڃا تائين واضح پاليسي نه آڻي سگهي آهي، هن عمل سان ڪڻڪ جي خريداري جو امڪان گهٽ ٿي ويندو، ذريعن جو چوڻ آهي ته رمضان دوران ڪڻڪ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري اٽي جو ملهه وڌائڻ جي سازش ڪئي وئي آهي، ان ڪري نيب سرگرم ٿي وئي آهي خيرپور ضلعي جي مختلف شهرن ۾ نيب جي ٽيم خوراڪ کاتي جي گدامن تي ڇاپا هڻي 20 کان وڌيڪ گدامن کي سيل ڪري ڇڏيو، نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته خوراڪ کاتي سنڌ ۾ ڪڻڪ جي گدام تي وڏي پئماني تي گهوٻيون هڻڻ ۽ ٻورين ۾ مٽي ملائڻ جون شڪايتون ملڻ بعد ڪارروائي ڪئي وئي. ذريعن موجب نيب جي ٽيم 20 کان وڌيڪ گدامن کي سيل ڪري ڇڏيو آهي. اُن کان اڳ نيب طرفان ڪنڌڪوٽ ڪشمور ۽ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ به خوراڪ کاتي جي گدامن تي ڇاپا هنيا ويا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.