*تنگواڻي ويجهو باجڪاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو ، لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي استپال منتقل ڪيو ويو .
تنگواڻي پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ عزيزالله باجڪاڻي ۾ باجڪاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنھن تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو .
جيهڙي دوران لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ جي نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين جا 5ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا .
زخمين ۾ عبدالفھيم باجڪاڻي، اميد علي باجڪاڻي، بخت باجڪاڻي ۽ شامل آھن جن کي تنگواڻي رول ھيلٿ سينٽر منتقل ڪيو ويو جتي کين طبي امداد فراهم ڪئي وئي .