*پکي ويجهو يوسي خيرپورجوسو جي ڳوٺ پنھل چانڊيو جو پرائمري اسڪول استاد مقرر نه ھجڻ سبب ڪيتري عرصي کان بند پيل آھي جنهن ڪري ڳوٺ جا سوين معصوم ٻارڙا تعليم جھڙي زيور کان محروم بڻيل آھن .
گذريل ڪيترن مھينن کان اسڪول جو ماستر رٽائرڊ ٿيڻ تي اسڪول لاءِ ٻيو استاد مقرر نه سگھيو آھي جنھن ڪري اسڪول کي ھر وقت تالا لڳل رھن ٿا .
اسڪول ۾ استاد مقرر نه ڪرڻ تي ڳوٺاڻن حافظ محمد نواز چانڊيو , ڪائونسلر غلام اڪبر , احمد نواز , علي رضا , نياز علي , شير چانڊيو , مير ۽ ٻين تعليم کاتي قمبر خلاف سخت احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو آھي ته سندن ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ استاد مقرر ڪري سوين معصوم ٻارڙن جي تعليم بچائي وڃي…………………