*سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ نقيب الله جي قتل ڪيس ۾ اڳوڻي ايس ايس پي ملير رائو انوار جي ضمانت رد ٿيڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي .
اڳوڻو ايس ايس پي عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيو جنهن تي سندس وڪيل عامر منصوب عدالت کي ٻڌايو ته سندس اصيل عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيو آهي کيس مهلت ڏني وڃي جنهن تي عدالت جوابدرن کي آخري مهلت ڏني.
ان موقعي تي عدالت وڪيلن کي 14 مئي تي هر صورت ۾ دليل ڏين جو حڪم ڏنو
عدالت ۾ موجود مقتول نقيب الله والد ٻڌايو ته سندن شاهدن کي ڌمڪيون ملي رهيون آهن،
مقتول جي والد جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته سندن شاهدن کي ڌمڪيون ملي رهيون آهن سندن جان کي خطرو آهي ان ڪري جوابدارن جون ضمانتون رد ڪري کين کي ٻيهر جيل موڪليو وڃي
ان موقعي تي مقتول نقيب الله جي والد عدالت ۾ جوابدارن جون ضمانتون رد ڪرڻ لاءِ درخواستون رد ڪرڻ لاءِ پڻ درخواست داخل ڪرائي………………