عصمت خاڻيجو جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ ڪراچي ۾ايس يو پي جو احتجاج

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي نياڻي عصمت خاڻيجو کي زيادتي بعد زهر جي انجيڪشن ڏئي قتل ڪندڙ قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪراچي ۾سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ادريس چانڊيو، ڊويزن صدر منير نائچ، نائب صدر منير مگسي ۽ عصمت خاڻيجو جي مامي رمضان خاڻيجو جي اڳواڻي ۾احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ايس يو پي اڳواڻن احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي نياڻي عصمت خاڻيجو ڏند جي سور جي دوا وٺڻ لاءِ سنڌ گورمينٽ اسپتال ڪورنگي وئي، جتي ڊاڪٽرن جي روپ ۾ ويٺل بگهڙين سنڌ جي نياڻي عصمت سان اجتماعي زيادتي ڪرڻ کانپوءِ زهر جو انجيڪشن ڏئي قتل ڪري ڇڏيو، اسين انسانيت کي لڄائيندڙ ھن واقعي جي ڀرپور مذمت ڪيون ٿا، اهڙا انسانيت سوز واقعيا خراب حڪمراني سبب پيش اچن ٿا، سنڌ مٿان وڏو عرصو پ پ جي حڪمراني رهي آھي ادارن کي جوڙڻ بدران ڪرپشن کي هٿي ڏني آهي جنهن جو هي نتيجو آھي، اسين هن احتجاج ذريعي اعليٰ اختيارين کان اھا گھر ٿا ڪيون ته واقعي ۾ ملوث وحشي ڊاڪٽرن ک فوري طور گرفتار ڪري منتقي انجام تائين پهچايو وڃي۔ نه ته ٻيء صورت احتجاجن جو دائرو وسيع ڪيو ويندو، ان موقعي تي ڊاڪٽر علي نواز گبول، قاسم ڀيو، فيض ھيسباڻي، صغير کٽياڻ، آغا شاهه زمان، نظير گاد، پنهل لاڙڪ ۽ ٻين خطاب ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.