ڪراچي ۾ رينجرز ڪارروائي، ايم ڪيو ايم جو دهشتگرد گرفتار

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پوليس ڪارروايون ڪري 29 کان وڌيڪ جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن قبضي  مان هٿيار ۽ منشيات هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، رينجرز ايم ڪيو ايم لنڊن جي ڏوهاري سميت 14 جوابدارن کي گرفتار ڪيو، ترجمان مطابق سچل، ڪلري ۽ ڪورنگي ۾ ڪارروايون ڪري ايم ڪيو ايم لنڊن جي جوابدار جاويد عرف جيدا عرف دادا کي گرفتار ڪيو، جيڪو ڀتي خوري، ٽارگيٽ ڪلنگ، هٿيارن جي وڪري سميت ڏوهارين جو سهولتڪار رهيو آهي، ٻئي پاسي گرفتار ڪيلن ۾ حسنين عرف ڪاڪي، محمد اياز، عمر فاروق، اسد، بادشاهه خان عرف نورا، غفار، عبدالحمد عرف هوشيار، سعيد اجمل، زلمائي، شيرعلي، ساجد ۽ محمد عمران عرف بلال شامل آهن، جن جي قبضي مان هٿيار ۽ منشيات ملي آهي، ملير ڪينٽ پوليس راشدي ڳوٺ ۽ بلال جوکيو ڳوٺ ۾ ڪومبنگ آپريشن ڪري گهر گهر تلاشي دوران 13 شڪي جوابدارن کي گرفتار ڪيو، ٻئي پاسي فريئر پوليس ڪينٽ اسٽيشن واري علائقي ۾ آپريشن ڪري 10 جوابدارن کي گرفتار ڪيو.063041

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.