ڇهين مردم شماري جي حتمي رپورٽ ۾ آبادي گهٽجي وئي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڇهين مردم شماري جي تجويز ڪيل حتمي رپورٽ ۾ ملڪ ۽ صوبن جي آبادي عبوري رپورٽ جي ڀيٽ ۾ گهٽ ٿي وئي، پاڪستان جي مجموعي آبادي هاڻ 89 هزار گهٽتائي سان 20 ڪروڙ 76 لک 84 هزار 626 ٿي وئي آهي.

گذريل سال مردم شماري جا عبوري نتيجا شايع ڪيا ويا هئا، جنهن جي بنياد تي عام چونڊون ڪرايون ويون، ن ليگ جي وفاقي ڪابينا ۽ گڏيل مفادن واري ڪائونسل فيصلو ڪيو هو ته ننڍن صوبن جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ مردم شماري جي 5 سيڪڙو ڊيٽا جي اسڪروٽني ڪئي ويندي، جنهن تي اڃا تائين عمل نه ٿيو.

شماريات کاتي جي معتبر ذريعن موجب صوبن، فاٽا ۽ اسلام آباد جي آبادي گهٽ ٿي رهي آهي، مردم شماري 2017 جي شروعاتي رپورٽ ۾ ملڪ جي مجموعي آبادي 20 ڪروڙ 77 لک 74 هزار 520 آهي.

حتمي رپورٽ تحت ڪي پي جي آبادي ۾ 4 هزار 451، پنجاب ۾ 22 هزار 787، سنڌ ۾ 31 هزار 541 ۽ بلوچستان جي آبادي ۾ 9 هزار 279 گهٽتائي آئي آهي، اهڙي ريت فاٽا ۾ 8 هزار 632، جڏهن ته اسلام آباد ۾ 3 هزار 204 ماڻهن جي گهٽتائي آئي آهي.

مردم شماري جي حتمي رپورٽ تحت پنجاب جي آبادي 109,989,655  ٿي وئي آهي، سنڌ جي آبادي 47,854,510 ٿي وئي آهي، بلوچستان جي آبادي 12,335,129 ٿي وئي آهي، خيبر پختونخواهه جي آبادي 30,508,920 ٿي وئي آهي، فاٽا جي آبادي 4,993,004  ۽ اسلام آباد جي آبادي 2,003,468 ٿي وئي آهي.

شماريات کاتي جي لاڳاپيل آفيسرن شروعاتي ۽ فائنل رپورٽ ۾ ايندڙ فرق جا سبب بيان ڪندي چيو آهي ته شروعاتي رپورٽ بلاڪس جي ڊيٽا جي بنياد تي لکي وئي، جڏهن ته حتمي رپورٽ مردم شماري جي فارم ٽو جو تفصيلي لکي جوڙي وئي آهي.

شماريات کاتي جي سينسز اينڊ سروي ميمبر حبيب خٽڪ جو چوڻ آهي ته حتمي رپورٽ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي منظوري کانسواءِ جاري نٿي ڪري سگهجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.