اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) راڪ اسٽار علي ظفر جنسي هراساني الزامن ۽ سوشل ميڊيا تي تبصرن کانپوءِ هڪ پروگرام ۾ جذبن تي قابو نه رکي سگهيو ۽ لڙڪ لاڙي ويٺو.
خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي علي ظفر چيو ته مون کي خبر ناهي ته ميشا مون تي ڇو الزام هنيا، ميشا شفيع مون تي ڪيس ڪيو پر فيصلو منهنجي حق ۾ ڏنو ويو، منهنجي خلاف سوشل ميڊيا تي منظم مهم شروع ڪئي وئي، گڏيل قومن کان وٺي ٻيون وڏيون ڪمپيون جيڪي مون کي ڪم ڏينديون آهن، انهن کي ٽيگ ڪيو ويندو آهي ته جيئن منهنجو ڪيريئر ختم ٿي وڃي.
سندس چوڻ هو ٻڌو آهي ته ميشا شفيع ڪينيڊا ۾ اميگريشن وٺڻ چاهي ٿي پر مون کي خبر ناهي ته هن اهو سڀ ڪجهه ڇو ڪيو، هوءَ منهنجي گهر ايندي رهي آهي ۽ پارٽين ۾ به ملاقات ڪندي رهي آهي، جيڪڏهن ميشا سان هراسگي ٿي ته هن منهنجي گهرواري يا گهروارن کي دانهن ڇو نه ڏني؟
علي ظفر چيو ته جنهن هنڌ تي هراسان ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو، اتي ٻيون به ٻه عورتون موجود هيون، ميشا اتان وڃڻ کانپوءِ مون کي پيغام موڪليو، جيڪو مان عدالت ۾ ثبوت طور پيش ڪيو آهي.
گلوڪار چيو مان بي ڏوهه هيس ۽ آهيان، عدالت ميشا جا الزام رد ڪري چڪي آهي ۽ ڪيس مان ميشا تي ڪيو آهي، حق لاءِ جيڪو مناسب لڳو ڪندس، ماڻهو مون سان تصويرون ڪڍرائيندا آهن ۽ ڪيترائي ڀيرا ته مون کي هراسان ڪيو ويو آهي.
هن ميشا شفيع کي ٺاهه جي آڇ ڪندي چيو ته ميشا مون کي خبر آهي ته توهان ڪهڙي ڪيفيت مان گذري رهيا آهيو، اسان ٻئي هڪٻئي کي سڃاڻيندا آهيون ۽ هي جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي، اهو معاشري لاءِ سٺو ناهي.
سندس چوڻ هو ته ميشا توهان هڪ قدم اڳتي وڌايو مان 10 قدم وڌائڻ لاءِ تيار آهيان، ان معاملي کي ختم ڪيو، مون کي ساک کي نقصان پهچائڻ واري ڪيس جا پئسا نه گهرجن، جيڪڏهن پئسا مليا ته اهي عورتن جي ڀلائي لاءِ خرچ ڪندس.