جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ وڌيڪ ٻه گرفتاريون…

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ ٻن بئنڪ آفيسرن کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو آهي، جنهن کي اسلام آباد منتقل ڪيو ويندو.

جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي ۽ نيب راولپنڊي جي ٽيم ڪراچي مان ٻن بئنڪ آفيسرن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

نيب ٽيم ڪراچي حبيب بئنڪ جي اڳوڻي مئنيجر آپريشنز علي شير ۽ اڳوڻي ايريا مئنيجر محمد فاروق کي گرفتار ڪيو آهي، نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته گرفتار بئنڪ آفيسرن تي پارڪ لين لاءِ قرض ڏيڻ ۾ ڪرپشن جو الزام آهي، ان کانسواءِ ٻنهي آفيسرن تي نيب کي غلط رڪارڊ ڏيڻ جو به الزام آهي.

ذريعن موجب ڪراچي مان گرفتار ٻنهي بئنڪ آفيسرن کي اسلام آباد منتقل ڪيو ويندو ۽ سڀاڻي کين احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.