ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري گلوڪار ۽ اداڪار علي ظفر جي گهرواري عائشا فضلي پنهنجي مڙس جي حمايت ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن علي ظفر معاملو لئي مٽي ڪري ڇڏيو ته به مان ميشا شفيع کي معاف نه ڪنديس.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ عائشا فضلي چيو ته علي ظفر خلاف مجرماڻي ۽ بي رحم مهم جي نتيجي ۾ مان، منهنجي مڙس ۽ خاندان جن تڪليف ڏيندڙ تجربن کي منهن ڏنو، اهي لفظن ۾ بيان نٿي ڪري سگهان.
سندس چوڻ هو ته انٽرنيٽ تي هراسان ڪرڻ ۽ پنهنجي دوستن جي دوکي منهنجون اکيون کولي ڇڏيون، جيڪڏهن منهنجو مڙس ان کي نظرانداز ڪري يا وساري ڇڏي پوءِ به مان ميشا کي ڪڏهن معاف نه ڪنديس.