ايلس ويلز ۽ زلمي خليل زاد سڀاڻي پاڪستان ايندا

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي ترجمان تصديق ڪئي آهي ته ٻه طرفن لاڳاپن ۽ افغان مفاهمتي عمل بابت ڳالهه ٻولهه لاءِ آمريڪا جو افغان مفاهمتي عمل بابت خاص نمائندو ۽ پرڏيهي معاملن بابت مددگار ايلس ويلز سڀاڻي اسلام آباد پهچي رهيا آهن.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل ٻڌايو ته آمريڪي وفد ٻنهي ملڪن ۾ جاري مشاورتي عمل جي ڏس ۾ پاڪستان پهچي رهيو آهي، ٻنهي ملڪن ۾ سومر (29 اپريل) تي پرڏيهي آفيس ۾ ٻه طرفن لاڳاپن ۽ افغان مفاهمتي عمل جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي.

ان کان اڳ آمريڪا، روس ۽ چين افغانستان جي پاڙيسري ملڪن کي افغان جنگ جي خاتمي لاءِ جاري ڳالهين واري عمل جي حمايت تي زور ڏنو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.