اسڪارلٽ جوهانسن پنهنجي مستقبل بابت وڏي ڳالهه ٻڌائي ڇڏي…

 

لاس اينجلس (شوبز نيوز) هالي ووڊ جي ايندڙ ميگا بجيٽ سپر هيرو فلم ”اوينجر: اينڊ گيم“ ۾ ”بليڪ وڊو“ طور نظر ايندڙ من موهڻي اداڪارا اسڪارلٽ جوهانسن سياست ۾ انٽري جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. اسڪارٽ جوهانسن 2016 جي چونڊن ۾ ڊيموڪريٽڪ اميدوار هيلري ڪلنٽن جي سپورٽ هئي ۽ هوءَ سياسي طور ان ئي پارٽي مان مطمئن آهي. 34 ورهين جي اداڪارا پنهنجي تازي انٽرويو ۾ سياست ۾ دلچپسي ظاهر ڪندي ٻڌايو ته ممڪن آهي ته مان ڪجهه وقت اندر مقامي سياست ۾ حصو وٺان. هن چيو ته علائقائي سطح تي ۽ معاشري ۾ حقيقي معنيٰ تبديلي آڻڻ لاءِ مقامي سياست جو ڪردار اهم هوندو آهي. اسڪارلٽ جوهانسن اعتراف ڪيو ته جيتوڻيڪ في الحال کيس ان حوالي سان ڪا آڇ ناهي ٿي ۽ نه ئي هن جو ڪو ارادو ناهي پر ان کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته آڇ يا موقعو ملڻ تي هوءَ مقامي سياست ۾ انٽري ڏئي. سندس چوڻ هو ته هن وقت ڊيموڪريٽڪ پارٽي ڪمزور ٿي چڪي آهي ۽ ڏڦيڙ جو شڪار آهي، صدارتي چونڊن لاءِ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جو واضح اميدوار نظر نه پيو اچي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.