رپورٽ: ملير: گلشن حديد ۾ ” هڪ شام انسانيت جي ناءُ“ ڪوٺائي وئي

ايم پي اي ساجد جوکيو چيو آهي ته پ پ حڪومت سنڌ ۾ صحت جي شعبي ۾  رڪارڊ ٽوڙ ڪم ڪيو آهي.

گلشن حديد ۾ الخدمت اسپتال پاران ” هڪ شام انسانيت جي ناءُ“ جي حوالي سان ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ مختلف سياسي ۽ سماجي شخصيتن شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي ساجد جوکيو چيو ته پ پ 10 سالن دوران سنڌ ۾ صحت جي شعبي ۾ انقلابي ڪم ڪيو آهي، جنهن ڪري عوام کي علاج لاءِ ڪي به پريشانيون ناهن.

هن فريده يعقوب الخدمت اسپتال جي انسان دوست ڪردار کي ساراهايو ۽ اسپتال انتظاميا کي سهڪار جو پورو يقين ڏياريو

ان موقعي تي اسپتال جي سپريڊينٽ ڊاڪٽر عبدالقادر سومرو چيو ته الخدمت انسانيت جي بنياد تي گلشن حديد ٺٽو ٿرپارڪر سميت ملڪ اندر 100 کان وڌيڪ شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ مفت ۽ معياري علاج جون سهولتون مهيا ڪري رهيو آهي

هن چيو ته الخدمت 6 لک مريضن جو مفت علاج سان گڏ ملير ۾ 49 مفت طبي, ڪئمپون هنيو جتي ماهر ڊاڪٽرن هزارين مريضن کي چڪاسيي  مفت دوائون ڏنيون آهن..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.