رمضان المبارڪ ۾ هٿرادو مهانگائي ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت رمضان المبارڪ ۾ مهانگائي روڪڻ ۽ ناقص شيون کپائيندڙن خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي.

پنجاب اسيمبلي جي ايڪسائز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن سعديا سهيل راڻا ٻڌايو ته پنجاب حڪومت ڀلاري مهيني ۾ روزيدارن ۽ عوام کي کاڌي پيتي جون سستيون شيون فراهم ڪرڻ لاءِ رمضان بازار قائم ڪندي، انهن بازارن سان هٿرادو مهانگائي جي روڪٿام ۽ ضروري شين جي قيمتن ۾ استحڪام ۾ وڏي مدد ملندي.

سندس چوڻ هو ته حڪومت عوام جي بهترين مفاد ۾ شيون ذخيرو ڪندڙن ۽ ناجائز منافعو ڪمائيندڙن خلاف بنا امتياز ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي، جن علائقن ۾ رضمان بازار نه لڳائي سگهياسين، اتي چور بازاري ۽ منافعي خوري تي ضابطي لاءِ فوري طور ايڪشن ورتو ويندو، جنهن سان انهن علائقن ۾ به عوام کي سستي اگهه تي شيون ملنديون.

هن چيو ته هٿرادو مهانگائي، ناقص شين جو وڪرو ۽ ملاوٽ ڪندڙن کي ڪا رعايت نه ملندي، حڪومت عام ماڻهو کي رليف پهچائڻ لاءِ هر حد تائين ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.