لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي گورنر چوڌري سرور چيو آهي ته پي ٽي آءِ جو هڪ سال انتظامي معاملن ۾ ضايع ٿيو، حڪومت ايندڙ چار سال عوام جي خدمت ڪندي.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڌري سرور چيو ته اچڻ وڃڻ جون ڳالهيون مون لاءِ اهميت نه ٿيون رکن، پنجاب جي وڏي وزير جي تبديلي وزيراعظم جي اختيار ۾ آهي.
هن چيو ته هاري ملڪ لاءِ ڪرنگي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا، سڄي پنجاب کي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪنداسين، گذريل دور جو سود لاهڻ لاءِ تحريڪ انصاف کي قرض وٺڻو پيو.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن اپوزيشن سمجهي ٿي ته نيب حدون پار ڪري رهيو آهي ته حڪومت پارليامينٽ ۾ ڳالهائڻ لاءِ تيار آهي، اسان جو ڪنهن اپوزيشن جماعت سان ذاتي جهيڙو ناهي، اسان ملڪ ۽ قوم جي مفادن جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، عوامي مفادن جي تحفظ لاءِ ڪنهن قرباني نه ڪيٻائينداسين.