راجا بشارت کي اپوزيشن ۾ اميدون…

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي قانون واري وزير راجا بشارت چيو آهي ته مڪاني بل 2019 اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو نئون نظام صحيح معنيٰ ۾ عوامي امنگن جو ترجمان هوندو.

پنهنجي هڪ بيان ۾ راجا بشارت جو چوڻ هو اميد آهي ته اپوزيشن اقتدار کي هيٺين سطح تي منتقل ڪرڻ لاءِ هاڪاري رويو اختيار ڪندي، پنجاب اسيمبلي عام مفاد جي قانون سازي ۾ سڀني کان اڳتي آهي، قانون سازي آئين ۽ اسيمبلي جي رولز تحت ڪئي ويندي آهي، اپوزيشن جي دٻاءَ سبب قانون سازي تان هٿ نٿا کڻي سگهون.

هن چيو ته مڪاني بل 2019 تي اعتراض حقيقتن جي ابتڙ آهن، اهو نئون نظام صحيح معنيٰ ۾ عوامي امنگن جي ترجماني ڪندو، حڪومت سدائين اپوزيشن کي گڏ کڻي هلڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، هن بل جي سلسلي ۾ اپوزيشن طرفان هاڪاري رويي جي اميد رکون ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.