گلگت (ويب ڊيسڪ) گلگت بلتستان جي وڏي وزير حافظ حفيظ الرحمان سان اختلاف سامهون اچڻ کانپوءِ صوبائي ڪابينا ۾ شامل اڪيلي عورت وزير ثوبيا مقدم کي وزارت تان برطرف ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب عورت وزير جا وڏي وزير سان ترقياتي منصوبن ۾ اپوزيشن جماعت جي هڪ اسيمبلي ميمبر کي ترجيح ڏيڻ تي اختلاف پيدا ٿيا هئا.
ثوبيا مقدم عورتن جي خاص سيٽ تان ضلعي ديامر مان اسيمبلي ميمبر چونڊي هئي، کيس وڏي وزير نوجوانن جي معاملن ۽ وومين ڊولپمينٽ جي وزارت جو قلمدان ڏنو هو.
ثوبيا مقدم تي اسيمبلي ۾ وڌيڪ ٻن ميمبرن سان گڏجي هم خيال گروپ جوڙڻ جو به الزام آهي، جڏهن ته نظم و ضبط جي ڀڃڪڙي تي کيس شوڪاز نوٽيس به جاري ڪيو ويو هو.
گلگت بلتستان جي وڏي وزير حافظ حفيظ الرحمان عورت وزير کي عهدي تان هٽائڻ جو تحريري بيان ميڊيا ۾ به جاري ڪيو، جنهن ۾ هن ثوبيا مقدم جي برطرفي جو سبب ڪابينا اجلاس ۾ سندس عدم حاضري ۽ بنا اجازت ٻاهرين ملڪن جي دورن کي قرار ڏنو آهي.
ان ڏس ۾ ثوبيا مقدم جو چوڻ هو ته ٻين هم خيال وزيرن سان صلاح مشورو ڪري رهي آهيان ۽ اڳتي لاءِ جلد گڏيل حڪمت عمل جو اعلان ڪنداسين.
واضح رهي ته ثوبيا مقدم جو واسطو ن ليگ سان آهي، جيڪا گلگت بلتستان ۾ پارٽي جي عورت ونگ جي صوبائي صدر پڻ آهي.