بيجنگ ( م ڊ ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اقتصادي راهداري اسان جي خوشحالي جو منصوبو آهي ۽ پاڪستان جي خوش قسمتي آهي جو اسان چين جا ڀائيوار آهيون. وزيراعظم عمران خان ٻئين بيلٽ اينڊ روڊ گول ميز سيشن ۾ شرڪت لاءِ انٽرنيشنل ڪنوينشن سينٽر پهتو جتي چيني صدر شي جن پنگ سندس آجيان ڪئي. ڪانفرنس ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سميت ٻيا عالمي اڳواڻ به شريڪ آهن. گول ميز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته صدر شي جن پنگ ۽ سندس حڪومت جو بهترين ميزباني تي ٿورائتو آهيان، عوامي جمهوريه چين جي 70 هين سالگرهه تي چيني حڪومت ۽ قوم کي واڌايون هجن. عمران خان چيو ته جديد دور ۾ چين ڪاميابي جو عظيم مثال آهي، چين ۾ پائيدار معيشت ۽ معاشرتي ترقي سان ڪروڙين ماڻهن جي زندگي جو معيار بهتر ٿيو، عظيم ترقي چيني قيادت جي ويزن ۽ عوام جي سخت محنت جو نتيجو آهي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته صدر شي جن پنگ بيلٽ اينڊ روڊ جو ويزن ڏنو ان ذريعي رابطن کي وڌيڪ وڌائڻو پوندو، بيلٽ اينڊ روڊ ويزن مان رڪاوٽون ختم ٿينديون ۽ عوام هڪٻئي جي ويجهو ايندو. عمران خان وڌيڪ چيو ته سي پيڪ مختلف منصوبن جو مجموعو آهي جنهن ۾ روڊ، ريل توانائي ۽ ٻيا منصوبا شامل آهن، اسان هاءِ ويز، ريل روڊن کي جديد بڻائي رهيا آهيون، پاور پلانٽس، بندرگاهه ۽ خاص اقتصادي زون بڻائي رهيا آهيون، گوادر بندرگاهه چيني ڪمپنين لاءِ لاڳت گهٽ ڪندي، نئين بندرگاهه رڳو علائقي کي نه پر کنڊن کي ملائيندي. گوادر بندرگاهه سنڪيانگ کان چيني شين جي ڊيليوري لاءِ مختصر رستو آهي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان جي خوش قسمتي آهي جو اسان چين جا ڀائيوار آهيون، اقتصادي راهداري اسان جي خوشحالي جو منصوبو آهي. افرادي قوت جي تربيت لاءِ پروگرام ترتيب ڏنا وڃن، خطي جي خوشحالي سان مسئلن جو حل ممڪن ٿي سگهندو. ٻئي پاسي گول ميز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيني صدر چيو ته اسان کي پنهنجي سرحدن کي واپار لاءِ کولڻو پوندو، بنيادي ڍانچي ۽ صنعتي ترقي لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻو پوندو، اسان گڏيل جدوجهد سان ماڻهن جي زندگي جو معيار بهتر بڻائي سگهون ٿا. صدر شي جن پنگ جو چوڻ هو ته عوامي سطح تي رابطن کي هٿي ڏيڻي پوندي، سڄي دنيا ۾ معيشت وڏن چئلينجن کي منهن ڏئي رهي آهي، اسان کي گڏيل قومن جي 2030ع جي ايجنڊا تي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، ماحولياتي تبديلي جي هاڃيڪار اثرن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻيون پونديون.