ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ وڌيڪ هڪ ٻارڙي مبينا طور غلط انجيڪشن لڳڻ سبب فوت ٿي وئي.
پوليس موجب گلشن اقبال 13 ڊي ۾ ٻارڙي صبا کي رات جي وقت ساهه ۾ تڪليف سبب پيءُ ڪلينڪ وٺي ويو، جتي پاڻ کي ڊاڪٽر ٻڌائيندڙ شخص جي انجيڪشن لڳڻ کانپوءِ ٻارڙي فوت ٿي وئي.
پوليس موجب رات دير سان ڇاپو هڻي عطائي ڊاڪٽر کي گلشن اقبال مان گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته جناح اسپتال ۾ ليڊي ايم ايل او ڊاڪٽر ذڪيا ٻارڙي جي پوسٽ مارٽم کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، رات کان وٺي ٻارڙيءَ جو مڙهه جناح اسپتال جي مردي خاني ۾ موجود آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار شخص عدنان کي ڊاڪٽريٽ ڊگري جو به علم ناهي، پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کانپوءِ ڪيس داخل ڪيو ويندو.
هوڏانهن ٻارڙيءَ جي پيءُ ظفر اقبال جو چوڻ آهي ته ڌيءُ کي کنگهه ۽ نزلو هو، جنهن سبب کيس ڪلينڪ وٺي وياسين، ڊاڪٽر ٻارڙي کي چيڪ ڪري انجيڪشن ۽ دوا لکي ڏني، ڊاڪٽر طرفان انجيڪشن لڳڻ کانپوءِ ٻارڙيءَ جي وات مان جهڳ نڪري آئي، ٻارڙي جي طبعيت ڏسي ڊاڪٽر چيو ته ان کي ٻي اسپتال وٺي وڃو.