آمريڪا ۾ ڪرين ڪرڻ سبب چار ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪا ۾ گوگل سيٽل ڪيمپس ۾ اڏاوتي ڪم انجام ڏيندڙ ڪرين روڊ تان گذرندڙ گاڏين تي ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ چار ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪا جي ڏکڻ ليڪ يونين ضلعي ۾ روڊ ڪناري گوگل ڪيمپس جي بلند عمارت جي مٿانهين ماڙ ۾ اڏاوتي ڪم هلي رهيو جتي اوچتو وزني ڪرين روڊ تان گذرندڙ گاڏين تي ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ چار ڄڻا فوت ۽ ٽي زخمي ٿيا پيا.

ريسڪيو ادارن امدادي ڪمن جي شروعات ڪندي ڪرين کي هٽائي فوتين ۽ زخمين کي گاڏي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو. فوتين ۾ ٻه ڪرين ۾ موجود اهلڪار ۽ ٻه ڪار سوار آهن جڏهن ته زخمي ٿيندڙن ۾ هڪ عورت، سندس ٻارڙو ۽ هڪ ويهه ورهين جو نوجوان شامل آهي.

اڏواتي ڪمپني جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪرين جو مٿانهون حصو گاڏي کان ڌار ٿي عمارت جي هڪ حصي کي ٽوڙيندي روڊ تي ڪريو جنهن سبب عمارت جي حصي کي به نقصان پهتو. عمارت گوگل جي استعمال هيٺ هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.