ڀارت ۾ مائو نواز باغين جي حملي ۾ ٻه پوليس اهلڪار مارجي ويا

راءِ پور ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت ۾ موٽر سائيڪل سوار مائو نواز باغين جي حملي ۾ ٻه پوليس اهلڪار مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو آهي.

 

پرڏيهي خابرو اداري موجب ڀارتي رياست ڇتيس ڳڙهه جي ضلعي بيجاپور ۾ موٽر سائيڪل سوار هٿياربند مائو نواز باغين ڊيوٽي تي ويندڙ پوليس اهلڪارن تي انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ٻن پوليس اهلڪارن ٿڏي تي ئي دم ڏنو جڏهن ته هڪ سخت زخمي آهي.

 

امدادي ادارن مارجي ويل ۽ زخمي ٿيندڙ کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو جتي زخمي پوليس اهلڪار جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي جڏهن ته باغين جي فائرنگ ۾ هڪ ڳوٺاڻو پڻ زخمي ٿي پيو آهي. صوبائي حڪومت طرفان اسپتال انتظاميا کي زخمين کي هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

 

مائو نواز باغين جي دهشتگرد حملي کان پوءِ علائقي ۾ سيڪيورٽي کي هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي ۽ سيڪيورٽي فورسز جي وڌيڪ نفري کي مقرر ڪيو ڪيو ويو آهي.  هلندڙ مهيني مائو نواز باغين روڊ جي ڪارروائي ۾  بي جي پي جي اسيمبلي ميمبر سميت ٽي ڄڻا مارجي ويا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.