گرجا گهرن تي حملن جي مک جوابدار جو والد ۽ ٻه ڀائر مارجي ويا: سريلنڪن پوليس جي دعويٰ

ڪولمبو ( ويب ڊيسڪ ) سريلنڪن پوليس ٻه ڏينهن اڳ ڇاپن دوران مزاحمت ڪرڻ تي جوابي ڪارروائي ۾ گرجا گهر حملن جي مک جوابدار جي والد ۽ ٻن ڀائرن جي مارجڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب سريلنڪا پوليس گرجا گهرن تي حملي جي مرڪزي جوابدار زهران هاشم جي گهر تي جمعي ڏينهن ڇاپو هنيو هو، گهر مان پوليس تي فائرنگ ڪئي وئي، ٻه طرفي فائرنگ ۾ زهران هاشم جو والد محمد هاشم، ٻه ڀائرن زين هاشم ۽ رضوان هاشم مارجي ويا آهن.

پوليس ڇاپا مار ڪارروائي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ هڪ ويڊيو کانپوءِ ڪئي، ويڊيو ۾ زهران هاشم جي والد ۽ ڀائرن کي گرجا گهر حملن جي حمايت ڪندي ۽ ماڻهن کي غيرمسلمانن تي حملن لاءِ ڀڙڪائيندي ڏسي سگهجي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.