فيلڊنگ ۾ خاميون آهن جن تي ڪم ڪري رهيا آهيون: بسمه معروف

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بسمه معروف چيو آهي ته وومين ڪرڪيٽ ٽيم ۾ فيلڊنگ جا مسئلا موجود آهن جن تي ڪوچز ڪم ڪري رهيا آهن.

قومي وومين ٽيم جي ڪپتان بسمه معروف ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڏکڻ آفريڪا جي دوري کي نظر ۾ رکندي پريڪٽس ڪئي آهي جڏهن ته بائونسرن کي منهن ڏيڻ لاءِ به ڀرپور پريڪٽش ڪئي وئي آهي.

هن چيو ته ويسٽ انڊيز خلاف سيريز ۾ جيڪي غلطيون ٿيون انهن مان سکڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

قومي وومين ٽيم جي ڪپتان چيو ته ڊائنا جو  زخمي ٿيڻ ٽيم لاءِ وڏو ڌڪ آهي پر فاطمه ثنا به بهترين متبادل آهي. ڏکڻ آفريڪا سان سيريز ۾ ڪوشش ڪنداسين ته وڌ کان وڌ رنسو ٺاهيون جنهن تي اسان وڏو ڪم ڪيو آهي. ڏکڻ آفريڪا جو فاسٽ بالنگ يونٽ ڪافي مضبوط آهي شروع وارن اوورن ۾ احتاط جو مظاهرو ڪرڻو پوندو.

هن چيو ته ويسٽ انڊيز خلاف ڪاميابي سان رانديگرياڻين جا حوصلا بلند آهن جڏهن ته اسان پنهنجي غلطين مان سکڻ جي ڪوشش ڪنداسين ۽ آئون به پنهنجي ڪارڪردگي ۾ بهتري آڻڻ جي ڪوشش ڪنديس

واضح رهي ته پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا جي وومين ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 3 ون ڊي ۽ 5 ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز ڇهه مئي کان کان شروع ٿي رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.