حڪومت خلاف جلد اسلام آباد ۾ ملين مارچ ٿيندو: فضل الرحمان

جوهر آباد ( ويب ڊيسڪ ) جي يو آءِ ف سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ جي يو آءِ جي ملين مارچ جي ڪاميابي حڪمرانن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن،  حڪومت جي پاليسين خلاف جلد اسلام آباد ۾ به هڪ تاريخي ملين مارچ ٿيندو. جوهر آباد جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي فضل الرحمان چيو ته  موجوده حڪومت تاريخ جي ناڪام ترين حڪومت تصور ٿي آهي، مهانگائي ۽ بيروزگاري ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، حڪومت جو ڪو به ڪنٽرول ناهي، رپئي جي ملهه ۾ گهٽتائي حڪمرانن جي ناڪام اقتصادي پاليسين جو نتيجو آهي.  هن چيو ته معيشت جي بحالي جي دعويدارن پنهنجي غلط پاليسين ۽ ناقص حڪمت عملي اختيار ڪري ملڪ جي معيشت جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي. فضل الرحمان چيو ته اهو وقت پري ناهي جڏهن عوام موجوده ظالم حڪمرانن خلاف روڊن تي هوندو ۽ سندن ڌڙن تختو ڪري ڇڏيندو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.