رپورٽ:شھدادپور: جهول واسي نوجوان ڪهاڙين جا وار ڪري ڳڀا ڳڀا ڪري قتل

شھدادپور ويجهو ڳوٺ بالو فقير ڀنڀري ۾ جهول واسي نوجوان کي ڪهاڙين جا وار ڪري ڳڀا ڳڀا ڪيو ويو.

 اٺاويهن ورهين جي نوجوان محمد حسن مهر کي ڳڀا ڳڀا ڪري بيدردي سان قتل ڪري سڪل وٽر ۾ پوريو ويو.

نوجوان جي چاچي غلام محمد مهر ڀنڀرا برادري تي الزام لڳائيندي چيو ته سندن نوجوان کي ڀنڀرن رستي تان اغوا ڪري قتل ڪرڻ بعد کين آگاھ ڪيو ته لاش کڻي وڃو.

اطلاع تي پوليس پهچي زمين کوٽي لاش واٽر مان ڪڍي شھدادپور انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس اسپتال منتقل ڪيو.

معلوم ٿيو آهي ته نوجوان ڄاڻايل ڳوٺ مان ٻه سال اڳ ڀنڀرا برادري جي ٻانهن کنئي هئي، جيڪا فيصلي بعد ٻانهن واپس ڪئي وئي هئي، جنهن تان کيس قتل ڪيو ويو آهي.

ٻڌايو پيو وڃي ته مقتول جو ڌڙ الڳ جڏهن ته آڱريون وڍيل ۽ سموري جسم تي ڪهاڙين جا نشان آهن.

شھدادپور پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته هڪ جوابدار شهمير ڀنڀري کي گرفتار ڪيو آهي جنهن پڻ قتل جو اعتراف ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ جاري آهي…………

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.