رپورٽ:ملير: لانڍي جيل مان خير سگالي جي جذبي تحت 100ڀارتي مهاڻا آزاد

ملير  ۾ پاڪستان حڪومت پاران خير سگالي واري جذبي تحت ٽئين مرحلي ۾ لانڍي جيل ملير مان وڌيڪ 100ڀارتي مهاڻن کي آزاد ڪيو ويو آهي.

آزادي ماڻيندڙ مهاڻن  قيدين کي لانڍي جيل ملير مان اسپيشل برانچ حوالي ڪيو ويو جتان ايڌي فائونڊيشن جي سهڪار سان ڪينٽ اسٽيشن تان علامه اقبال ٽرين وسيلي  لاهور روانو ڪيو ويندو.

 آزاد مهاڻن کي  سڀاڻي واهگا بارڊر تي ڀارتي اختيارين حوالي ڪيو ويندو.

ان سلسلي ۾ ڊپٽي جيل سپريڊنٽ ملير  اورنگزيب ڪنگو ميڊيا  سان ڳالهائيندي  ٻڌايو ته پاڪستان سرڪار پاران خير سگالي جي جذبي تحت ڀارتي مهاڻن  قيدين کي آزاد ڪيو پيو وڃي جنهن جي ٽئين مرحلي ۾ اڄ وڌيڪ هڪ سئو ماهيگير قيدين کي آزاد ڪيو ويو آھي.

هن ٻڌايو تھ آزادي ماڻيندڙ قيدين کي سيڪيورٽي ڪورٽ پوليس ۽ ٽرانسپورٽ ۽ ٻيو خرچ ايڌي فائونڊيشن پاران ڏنو ويندو.

سنندس چوڻ هو تھ  قيدين کي اڄ علامه اقبال ريل گاڏي رستي ڪينٽ اسٽيشن کان لاهور روانو ڪيو ويندو جن کي سڀاڻي واهگا بارڊر تي ڀارتي اختيارين حوالي ڪيو ويندو.

ياد رهي ته انڊيا اڃا تائين ڪوبه پاڪستاني قيدي آزاد ناهي ڪيو

*******

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.