لاڙڪاڻو/ باڊهه (رپورٽ: مرتضيٰ ڪلهوڙو+ نظام ڪولاچي ) خوراڪ کاتي ۾ اربين رپين جي ڪرپشن وارو معاملو، نيب سکر جي ٽيم جي لاڙڪاڻي ۾ ڪارروائي، شهر جي مختلف علائقن ۾ قائم ٽن گدامن کي سيل ڪري پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ ڪالهه نيب سکر جي ڊپٽي ڊائريڪٽر دانش اقبال جي اڳواڻيءَ ۾ نيب ٽيم لاڙڪاڻي پهچي شهر جي رحمت پور ۽ وڳڻ روڊ تي قائم خوراڪ کاتي جي ٽن گدامن کي مڪمل طور سيل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته نيب طرفان گدامن ٻاهران پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي. نيب ذريعن مختلف شهرن ۾ قائم خوراڪ کاتي جي سرڪاري گدامن مان ڪڻڪ جون ٻوريون غائب ڪري مل مالڪن کي وڪرو ڪيون وينديون هيون.هوڏانهن نيب جي ساڳي ٽيم باڊهه ۾ به ڪارروائي ڪندي ٻن سرڪاري گدامن کي سيل ڪري ڇڏيو آهي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊپٽي ڊائريڪٽر ولي الله ڦلپوٽي چيو ته باڊهه جي سرڪاري گدامن تي ٻورين جي کوٽ ڪرپشن جي شڪايت تي ڪارروائي ڪئي وئي آهي، هن ٻڌايو ته رڪارڊ موجب هڪ لک اٺونجاهه هزار ٻوريون گودامن ۾ موجود هئڻ گهرجن جنهن جي ڳڻپ سومر ڏينهن مئجسٽريٽ , فوڊ کاتي جي اختيارين ۽ نيب اهلڪارن جي سامهون ڪئي ويندي.