واشنگٽن (م ڊ ) آمريڪا ۾روسي عورت ماريه بوتينا کي جاسوسي جي الزام ۾18 مهينا قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪا جي ڊسٽرڪٽ ڪورٽ روسي هٿيار ٺاهيندڙ اداري لاءِ ڪم ڪندڙ عورت ماريه بوتينا کي آمريڪا جي اعليٰ سياسي شخصيت سان لاڳاپا رکي اهم راز حاصل ڪرڻ جي ڪوشش جي الزام هيٺ 18 مهينا قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي. ماريه بوتينا 9 مهينن کان پوليس جي قيد ۾ آهي ۽ عرصي کي به سندس سزا ۾ شامل ڪيو ويندو، سزا پوري ڪرڻ کان پوءِ روسي عورت کي ملڪ نيڪالي ڏني ويندي. واضح رهي ته ماريه گرفتاري کان پوءِ پوليس کي ڏنل پنهنجي بيان ۾ آمريڪي سياستدانن تائين پهچ حاصل ڪري رابطا وڌائڻ ۽ نيشنل رائفل ايسوسيئشن ۾ مداخلت جو اعتراف ڪيو هو. آمريڪي صدر پڻ رايفل نيشنل ايسوسيئشن جو ميمبر آهي ۽ صدر ٽرمپ تي صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابي لاءِ روس کان مدد وٺڻ جو الزام به لڳندو رهيو آهي.