ٻارن کي ٽي وي ۽ موبائل ڏيکاريندڙ ماءُ پيءُ لاءِ اهم خبر!

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) پهريون ڀيرو گڏيل قومن جي ماتحت ڪم ڪندڙ صحت واري عالمي اداري ( ڊبليو ايڇ او ) تازن ڄاول ٻارن کان ويندي پنجن ورهين کان گهٽ عمر تائين جي ٻارن لاءِ ٽي وي، ٽيبلٽ ۽ موبائيل فون ڏسڻ جي هڪ حد مقرر ڪئي آهي.

رپورٽ موجب جيڪڏهن ٻار جي عمر پنجن سالن کان گهٽ آهي ته پوءِ کيس هڪ ڪلاڪ تائين اسڪرين ڏيکاري سگهجي ٿي،  پر جيڪڏهن ٻار جي عمر هڪ سال کان گهٽ  آهي ته کيس سختي سان اسڪرين کان پري رکيو وڃي.

گڏيل قومن جي ماتحت ڪم ڪندڙ اداري ڊبليو ايڇ او، آمريڪي اڪادمي جي هدايتن جي روشني ۾ تفصيل جاري ڪيا آهن جيڪي هاڻ هڪ ڪانفرنس ۾ به پيش ڪيو ويندا.

گڏيل قومن باظابطا طور تي چيو آهي ته هڪ سال کان گهٽ عمر وارن ٻارن جي اکين جي روشني شروعاتي مرحلي ۾ هوندي آهي تنهنڪري کين هڪ منٽ لاءِ به ٽي وي يا اسڪرين جي آڏو نه ويهاريو وڃي جڏهن ته پنجن سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن کي وڌ کان وڌ هڪ ڪلاڪ اسڪرين ڏيکاري وڃي. ٻار کي ريجهائڻ لاءِ هر هر ٽيبلٽ يا فون ڏيڻ کان پاسو ڪيو وڃي.

اهڙي ريت هڪ سال کان گهٽ عمر وارن ٻارن کي ڀرپور ننڊ پڻ ملڻ گهرجي. ها جيڪڏهن ته ٻار جي عمر هڪ کان ٻه سال ٿي وڃي ته اسڪرين ٽائم هڪ ڪلاڪ کان به گهٽ رکيو وڃي جڏهن ته  ٻار کي گهٽ ۾ گهٽ ٽن ڪلاڪن جي ڪنهن به جسماني سرگرمي يا راند ۾ مصروف رکيو وڃي.

آمريڪي ماهرن جو زور آهي 18 مهينن کان گهٽ عمر وارن جي ٻارن کي هر قسم جي اسڪرين کان پري رکيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.