پاڻي کوٽ خلاف ترائي کان بدين تائين پنڌ مارچ، ڌرڻو، ٻيو ڪجهه نه صرف پاڻي کپي: اڳواڻ

بدين (رپورٽ : رازقڏنوکوسو ) بدين بچايو ڪميٽي جي سڏ تي ترائي شھر کان پيادل مارچ 25 ڪلوميٽر پنڌ ڪري بدين پهتو، پنڌ مارچ جي وک وک تي گلن سان آجيان ڪئي، پنڌ مارچ ۾صحافي ذوالفقار واهوچي پڻ شرڪت ڪئي، پنڌ مارچ ۾شامل شهري، آبادگار ۽ سياسي سماجي اڳواڻ ايوان صحافت اڳيان نٽهڻ اس ۾ڌرڻو هڻي ويهي رهيا،  جتي خطاب ڪندي اڳواڻن وڪيو ملاح، علي ڀاءُ، نعيم ميمڻ، الهبچايو سوڍو، منظور ميمڻ، آچار راهوڪڙو، مير نور احمد ٽالپر، پاڻي ماهر مير غلام رسول ٽالپر، عزيز ڏيرو، امير آزاد پنهور، غفور چانڊيو، سيد خدا ڏنو شاهه، پيروز شاهاڻي ۽ ٻين چيو ته جيستائين بدين جي ماڻھن کي پاڻي نٿو ملي جدوجهد جاري رهندي، اسان ھاڻي پاڻي وٺنداسين، سنڌ حڪومت جون ڪوڙيون ڪاميٽون رڳو بدين کي برباد ڪرڻ چاھين ٿيون، ھي شاخن سميت ڳوٺ ڳوٺ ۾ پاڻي تي جھيڙو ڪرائڻ چاھين ٿا، اسان انهن ڪاميٽين کي رد ٿا ڪيون جيڪي بدين کي پاڻي ڏيارڻ بدران تباھي طرف وٺي وڃي رھيون آھن، ڳالھيون روڊن تي ٿينديون، سياسي اختلاف ھر ڪنھن جا پنھنجي جاءِ تي آھن پر ھاڻي پاڻي تي جھيڙو آھي، اسان کي صرف پاڻي کپي، ترائي جي مختلف شاخن جي آبادگارن به پاڻي جي کوٽ تي احتجاج ۽ لانگ مارچ ۾ شامل رھيا جڏھن ته معصوم ٻارڙا به 18ڪلو ميٽر تائين پيادل ترائي کان بدين پھتا جن جي چھرن تي پنڌ جي ٿڪاوٽ نه هئي پر هو پاڻي ڏيو چوندا رھيا.هوڏانهن صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه بدين ضلعي جي دوري دوران راڄوخاناڻي ۾ايم پي اي مير الهه بخش ٽالپر جي رهائش گاهه تي صحافين سان ڳالهائيندي ۽ ٽنڊي باگي ۾جمالي هائوس تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت بدين جي عوام جو پاڻي کوٽ وارو احتجاج کي نظر انداز نھ ڪيو آهي، انهي سلسلي ۾بلاول جي حڪم تي بدين پهتو آهيان، هن چيو تھ دڪن جو جائزو وٺي رهيا آهيون جيڪڏهن اهي پاڻي جي کوٽ جو سبب هوندا تھ انهن کي ڊاهي پٽ ڪيو ويندو، اسان وٽ عوام کان وڌيڪ دڪا نھ آهن، پاڻي کوٽ جو ذميوار سيڊا ڊائريڪٽر يا ٻيو ڪو بھ ڪامورو نڪتو تھ ان کي بنا دير هٽايو ويندو ۽ ايندڙ بجيٽ ۾پاڻي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ بدين لاءِ ڪجھه وڏن منصوبن تي پئسا رکي رهيا آهيون، انهي موقعي تي ايم اين اي مير غلام علي ٽالپر، ميرالهه بخش، تاج محمد ملاح، حاجي سائين بخش جمالي ۽ ٻياموجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.