مدرسن کي بند ڪرڻ جون ڳالهيون بي بنياد آهن: نور الحق قادري

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) مذهبن معاملن واري وزير نور الحق قادري چيو آهي ته عوام مدرسن کي بند ڪرڻ جي ڪنهن ناڪاري واويلا جو حصو نه ٿين، مدرسن جي بندش بابت رڳو واويلا ڪئي پئي وڃي، مدرسن ۾ هڪ جهڙي تعليمي نظام جي حمايت ڪرڻ گهرجي.  پشاور ۾ قومي علماءَ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پير نورالحق قادري چيو ته وزيراعظم عمران خان اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جي ڳالهه ڪئي،  مديني جي رياست بابت سفارشون فراهم ڪرڻ عالمن جو ڪم آهي. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو عمران خان کي يهودي ايجنٽ ۽ طالبان قرار ڏين ٿا. سندس چوڻ هو ته پاڪستان کي آزاد فلاحي رياست بڻائڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، مدرسن کي ختم يا بند ڪرڻ نه ٿا چاهيون، بهتري لاءِ ڳالهيون لازمي آهن. نور الحق قادري چيو ته مديني جي رياست جا مول متن ڪهڙا آهن رستو ڏيکارڻ عالمن ۽ مشائخن جو ڪم آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.