علي ظفر ملاله يوسفزئي بابت ڏنل بيان جي وضاحت ڪري ڇڏي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) گلوڪار ۽ اداڪار علي ظفر ملاله يوسفزئي بابت پنهنجي بيان جي وضاحت ڪندي چيو آهي ته ملاله هڪ سچي سپاهي آهي ۽ ميشا شفيع ڪڏهن به ملاله نٿي بڻجي سگهي.

سوشل ميڊيا تي واهپيدارن طرفان ميشا شفيع خلاف بيان دوران جڏهن ته ملاله جو ذڪر ڪرڻ تي علي ظفر تي تنقيد ڪئي وئي جنهن بعد  علي ظفر سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ملاله يوسفزئي جو نالو وٺڻ تي وضاحتي ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته ” ملاله هڪ سچي سپاهي آهي جيڪا سدائين سچ ۽ انصاف لاءِ آواز اٿاريندي رهي آهي،  هن ڪيئي قربانيون ڏنيون آهن. ميشا ڪوڙ ڳالهائي، انصاف کان ڀڄي ۽ سوشل ميڊيا تي جعلي پروفائلن پٺيان لڪي ڪڏهن به ملاله نٿي بڻجي سگهي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن علي ظفر لاهور ۾ سيشن ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هراسان ڪيس تي پنهنجو موقف پيش ڪندي چيو هو ته هو حق ۽ سچ تي آهي تنهنڪري سڏائڻ بنا عدالت آيو آهيان جڏهن ته ميشا شفيع ڪوڙي آهي جيڪا عدالتن پاران طلبي تي به ناهي ايندي.

علي ظفر پنهنجي بيان ۾ ميشا شفيع اهو سڀ مڪمل منصوبابندي تحت پنهنجي ذاتي مفاد لاءِ  مون کي ٽارگيٽ ڪيو. گڏوگڏ هن سوال اٿاريو هو ته ڇا هن اهو سڀ انڪري ڪيو ته هوءَ ڪئناڊا وڃي ۽ عالمي سطح تي سڃاڻپ ٺاهڻ چاهي اها مونکي خبر ناهي اهو اوهان بهتر ڄاڻو ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.