ڀارت پاران ڪشمير ۾ جاري واپار بند رکڻ جو فيصلو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي حڪومت آزاد ڪشمير ۽ والاريل ڪشمير وچ ۾ جاري انٽرا ڪشمير ٽريڊ ڀارت ۾ نئين حڪومت ٺهڻ تائين معطل رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

 ڀارت جي گهرو وزارت هلندڙ مهيني 18 اپريل تي آزاد ڪشمير ۽ والاريل ڪشمير وچ ۾ جاري انٽرا ڪشمير ٽريڊ جي معطلي لاءِ باظابطا آرڊر جاري ڪيو هو،  جنهن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته ڀارتي حڪومت کي رپورٽون مليون آهن ته پاڪستان پاران لائين آف ڪنٽرول تي جاري انٽرا ڪشمير ٽريڊ جو غلط استعمال ڪيو پيو وڃي.

ان سلسلي ۾ انٽرا ٽريڊ جي پاڪستان سائيڊ جي ذميوار ۽ جوائنٽ چيمبر آف ڪامرس ڄمون ڪشمير جي نائب صدر خورشيد احمد مير جو چوڻ آهي ته ڀارت جي اختيارين واضح طور تي آگاهه ڪيو آهي ته انٽرا ٽريڊ ڪشمير ڀارت ۾ نئين حڪومت جي اقتدار ۾ اچڻ تائين معطل رهندو.

نئين حڪومت ٺهڻ کان پوءِ انٽرا ڪشمير ٽريڊ کي هلائڻ لاءِ نئين سر طريقيڪار طئي ڪيا ويندا ته جيئن ان ٽريڊ جو فائدو رڳو ڪشميرين کي ئي ٿئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.